جوناٿن مارڪ ڪناير

جوناٿن مارڪ ڪناير: ڊاڪٽر جوناٿن ڪناير (J. M Kenoyar)، سنڌو تھذيب تي دسترس رکندڙ عالمن مان ھڪ آھي. پاڻ يونيورسٽي آف وسڪونسن ميڊيسان ۾ انٿراپالاجيءَ جي پروفيسر طور ڪم ڪري رھيو آھي. ھڙپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ (HARP) ۾ گذريل ٽيھن سالن کان سنڌو تھذيب ۽ ھڙپا تي تحقيقي ڪم ڪري رھيو آھي. ھن وقت به ھو ‘HARP’ اداري جو ڪو ڊائريڪٽر آھي. ھندستان ۾ ڄائو نپنو. ھن برڪلي يونيورسٽيءَ مان بي. اي، ايم. اي، ۽ پي. ايڇ. ڊي (1983) ۾ ڪئي. هي مشھور آرڪيالاجسٽ ۽ عالم جارج ايف ڊيلس جو شاگرد آھي، جنھن سان گڏ ھن موھن جي دڙي ۽ ھڙپا جون کوٽايون ڪيون آهن ۽ ڪتاب ‘Excavation at Mohen jo-Daro’ ۾ جارج ايف ڊيلس سندس ساٿي ليکڪ ھو. ھن ھندستان ۽ پاڪستان ۾ تقريبا 25 سالن تائين کوٽايون ڪيون آھن. ڊاڪٽر صاحب ڏکڻ ايشيا جون ڪيتريون زبانون لکي، پڙھي ۽ ڳالھائي ڄاڻي ٿو. سندس تحقيق جو شعبو ”ھنر ۽ ڪاريگريون“ رھيو آھي. ھن ھندوستان ۽ پاڪستان جي ڪيترن ڪاريگرن سان پراڻي ٺڪر ۽ زيورن کي ٺاھڻ جو ڪم گڏجي ڪيو آھي ته جيئن پراڻي سنڌوءَ جو ھنر ٻيھر جياري سگھجي. ھن ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا لکيا آھن، سندس مشھور ڪتاب ’سنڌو تھذيب جا پراڻا شھر‘ (Ancient Cities of Indus Civilization) جيڪو 1998ع ۾ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز جي اھتمام هيٺ ڇپيو. ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
1- Sarang and Jeevai: (A coloring book story of Ancient Indus valley). Oxford University Press, Karachi A.D 1998.
2- Ancient Cities of the Indus valley Civilization, Oxford University Press and American Institute of Pakistan studies, Karachi A.D. 1986.
3- Excavation at Mohen jo Daro, by G. F Dales and J. M Kenoyar.
4- From Summer to Meluhha: by George F. Dales, J.M Kenoyer Jr Wisconsin Archeaology Reports .


لفظ جوناٿن مارڪ ڪنايرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو